خواجه غلام فريد

خواجه غلام فريد

خواجه غلام فريد جو مقبرو

خواجه غلام فريد جو مقبرو

خواجه غلام فريد

خواجه غلام فريد: مشهور صوفي شاعر ۽ بزرگ خواجه غلام فريد، 1261هه ڌاري سرائيڪي علائقي ڪوٺ مٺڻ (پنجاب) ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو خدا بخش ۽ لقب’محبوب الاهي‘ هو. سندس واسطو فاروقي خاندان سان هو. خواجه فريد ابتدا کان ئي علم ۽ عرفان جو شائق هو. هن جي پوري خاندان جو لاڙو درويشيءَ طرف هو. خواجه فخر الدين، خواجه غلام فريد رحه جو ننڍو ڀاءُ به ڪماليت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، خواجه فريد سندس ئي طالب ٿيو هو ۽ کانئس ئي قرآن مجيد، حديث، تفسير، فقهه ۽ ٻين علمن: تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. ڀاءُ جي وفات کان پوءِ گادي نشين ٿيو. سندس دستاربندي بهاولپور جي نواب صادق خان ڪئي. پنهنجي ڀاءُ خواجه فخر الدين کي خواجه فريد ، پنهنجي شاعريءَ ۾ وڏي عقيدت سان ڳايو آهي:
گهول گهتان مئن فخر جهان تئون، جنت حور قصور،
اکيان فخر الدين مٺل ديان، تن من ڪيتم چور.
جڏهن خواجه فخرالدين 1288ع ڌاري رحلت ڪئي ته سندس وڇوڙي جي غم ۾ خواجه غلام فريد مديني شريف وڃي نڪتو، خيرپور ميرس ۾ درازا شريف وارن فاروقي فقيرن سان سندس وڏي اُنسيت هئي.خواجه غلام فريد رحه سال 1319هه/1901ع ڌاري رحلت ڪئي. سندس آرام گاهه ڪوٽ مٺڻ ۾ آهي. خواجه صاحب جي شاعريءَ ۾ هجر فراق جون رقت آميز ڪيفيتون موجود آهن. سندس ڪلام جي مطالعي دوران ماڻهو ازخود دردگداز سان معمور ٿيو پوي.
خواجه فريد رحه وحدة الوجود همه اوست جي وجد ۽ حال کي پنهنجي شاعريءَ ۾ وڏي وضاحت سان پيش ڪيو آهي. خواجه فريد سرائڪيءَ ۽ سنڌي، جو زبردست شاعر ٿي گذريو آهي. خواجه فريد نه رڳو سرائيڪي علائقي، پر سنڌ ۾ به اوترو ئي مقبول آهي. سندس ڪلام عارفانه ڪلامن جي سري هيٺ سنڌ جي سمورين ريڊيو اسٽيشنن تان نشر ٿيندا رهندا آهن. استاد منظور علي خان، عابده پروين کان وٺي هر وڏو ۽ ننڍو فنڪار خواجه غلام فريد جو ڪلام عقيدت سان ڳائيندو آهي. خواجه صاحب شاهه لطيف ۽ سچل سرمست کان ڪافي متاثر هو. ديوان فريد ۽ ڪلام فريد ۾ اهڙيون ڪيتريون ڪافيون ملنديون، جن ۾ اهو اثر ظاهر آهي. خواجه
غلام فريد وقت جو شاعر هو، هن انگريز اقتدار جي شاعريءَ ۾ مخالفت ڪندي چيو آهي ته: ”پٽ انگريزِي ٿاڻي“. خواجه غلام فريد جو ڪلام ’ميڏا عشق وي تون‘ پٺاڻي خان اهڙيءَ رقت ۽ عقيدت مان ڳاتو آهي، جو هيءُ ڪلام سنڌ ۽ هند جو مقبول ترين ڪلام بنجي پيو آهي.


لفظ خواجه غلام فريدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو